جتوئي اظهر

جتوئي اظهر

جتوئي اظهر

جتوئي اظهر: سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو هاڻوڪو صدر، ڪامريڊ اظهر ولد مظهر علي جتوئي، 18 فيبروري 1960ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. هو برک سياسي ۽ قومي اڳواڻ ۽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي روح روان ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جو پوٽو آهي. اظهر جتوئيءَ شروعاتي تعليم ماڊل اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. هن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪئي ۽ سچل سرمست آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ۽ بي. اي ڪئي. ڪامريڊ اظهر جتوئي پنهنجي ڏاڏي ۽ والد جي نقش قدم تي هلندي، هارين جي حقن واري جدوجهد ۾ 1982ع کان پير پاتو. سماجي ۽ قومي خدمت جو جذبو رکندڙ اظهر جتوئي، 2008ع وارين چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي صوبائي سيٽ لاءِ ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جي تڪ تان چونڊ به وڙهيو هو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. اظهر جتوئي، آگسٽ 1998ع کان سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر آهي. مختلف وقتن تي ڪالم به لکندو رهي ٿو. هن ڪتاب ’باباءِ سنڌ- حيدر بخش جتوئي‘ ترتيب ڏيئي ڇپايو آهي.ڪامريڊ اظهر جتوئي 18 نومبر 2020ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو